تحفة الهند 2

تحفة الهند-2 (ڪتاب ):عبيدالله مالير ڪوٽلويءَ جو ڪتاب ’تحفة الهند‘، سنڌيءَ ۾ عبدالهادي ٿيٻي ترجمو ڪيو آهي. هي ڊيمي سائيز 250 صفحن تي مشتمل ڪتاب، مارچ 1992ع ۾ سنڌ نئشنل اڪيڊمي ٽرسٽ، حيدرآباد پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جنهن جي قيمت 60 رپيا آهي. هن ڪتاب جو هي ٻيو ايڊيشن آهي، پهريون محدود تعداد ۾ ڇپايل ڪتاب 13 صدي هجريءَ جي آخري اڌ ۾ لکيو ويو هو. هن ڪتاب ۾ هندو مت ۽ اسلام جو تقابلي مقابلو ڪيو ويو آهي ۽ جنهن شخص هيءُ ڪتاب سوين حوالن جي روشنيءَ سان تيار ڪيو هو، اهو مصنف خود اڳ ۾ غير مسلم هو. هن هندومت ۽ اسلام جي ڳوڙهي مطالعي کان پوءِ اسلام قبول ڪيو هو ۽ هي تاريخي ڪتاب لکيو. هن ڪتاب کي پڙهي امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي مسلمان ٿيو هو، ان مان هن ڪتاب جي افاديت ۽ اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڪتاب جي سنڌي ترجمي جي ٻئي ڇاپي جو مهاڳ مشهور عالم، غلام مصطفيٰ خان لکيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو